ٻاروچو باغ

ٻاروچو باغ: هي هالا تعلقي جو مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو نئشنل هاءِ وي تي هالا کان اتر طرف ڇهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هي ڳوٺ ڦٽين ۽ اناج جو اهم مرڪز آهي. هتي سهائي فقير جو ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن ۾ وڏو ملاکڙو لڳندو آهي، جتي سڄي سنڌ جا ملهه پنهنجي فن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن. هي ملاکڙو ڀٽ شاهه جي ملاکڙي جو ڏيک ڏيندو آهي. هتان تاريخي شهر منصوره ٻه ڪلوميٽر پنڌ تي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو